اسلام آباد – 09 –; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فو??ي جوانن جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پوري قوم متحد ٿي ان جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي سان مقابلو ڪندي پنهن??ي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صب?? جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق