اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم ??ي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف ??ور??ل سان ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس پاران جاري بيان موجب پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي ??ي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين ??ي وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پر??يهي وزير ٻطرفي واپار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو. هن پ??ڪستان ۾ ترقياي منصوبن جي لاءِ يورپي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي تازي صورتحال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. هن اعليٰ نمائندي کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پر??يهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي پاڪستان جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا