اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ست??ن جمهوري?? پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پا??ست??ن پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ لاءِ پا??ست??ن جي نامزد سفير ڊاڪٽر خالد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پولينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پا??ست??ن جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل ح??ايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پا??ست??ن ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد سفير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير پا??ست??ن ۽ پولينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پا??ست??ني يونيورسٽين جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير پولينڊ ۾ پا??ست??ني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پولينڊ ۾ پا??ست??ن جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.
پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria