اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آ??ي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي. ملڪي سياسي صورتحال بابت هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته پيپل??پا??ٽي جمهوريت جي علمبردار بڻجي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهي آ??ي، مخالف ڌر جو نه هڪ جهنڊو، نه هڪ نظريو ۽ نه ئي هڪ ايجنڊا آ??ي، مخالف ڌر جو هڪ نقاطي ايجنڊا صرف وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته جيترو نقصان جمهوريت کي اڄ ٿي رهيو آهي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿي??، منهنجي نظر ۾ چوڌري ڀائر دانشمند آ??ن، اهي مناسب وقت تي، درست فيصلو ڪندا، اڃان ڏسڻو آهي ته بي اعتماد جو اُٺ ڪهڙي طرف ويهي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت غير يقيني صورتحال جي سٽ سهي نٿو سگ??ي، ايم ڪيو ايم وارا اسان جا اتحادي آهن، پرڏيهي وزير چيو ته موجوده پيپل??پا??ٽي ۾ اها سوچ ناهي جيڪا ڀٽو دور ۾ هوندي هئي، پيپل??پا??ٽي تي ??اڻ?? زرداري جا ڇاپ لڳي چڪي آ??ي، پيپل??پا??ٽي ۾ زرداري جي سوچ ۽ طور طريقو نظر اچي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته انهن ميمبرن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي اهي فيصلن ۾ آزاد آ??ن، اندروني ۽ ٻاهرين سازشن جو قانون جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪنداسين. پارٽي گڏجي فيصلو ڪندي ته صورتحال تي ڇا ڪرڻو آ??ي، هن چيو ته ايترن ذميدارن ماڻهن جي غير ذميداراڻي گفتگو تي تعجب آ??ي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آ??ي، اهي پاڪستان اچي رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ اهي ماڻهو ناڪام ٿيندا، عمران خان مقابلو ڪرڻ ڄاهي ٿو ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته ميمبرز نمبر گيم تي قياس آرايون آهن، ڪنهن ميمبر جو جائز مسئلو آهي ته ان تي ضرور ڳالهه ڪنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي کان منهن موڙيندڙ ميمبرن بابت اعتزاز احسن جو موقف وزن رکي ٿ??، ميمبرن جون ٻوليون لڳائڻ، ٽڪيٽن جا واعدا ڪرڻ غير مناسب آ??ي، ماضي ۾ ٽڪيٽن جي واعدن کانپوءِ به منهن موڙيو ويو.
مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات