اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آز??د ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ سموري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر آز??د ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت ??لتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آز??د ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سي??ريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آز??د ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.
ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados