??سل??م آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي ??سل??مي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ ??سل??مي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري ف??اد حسين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ??سل??مي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جيڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن کي قائداعظم محمد علي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ته اسان جا سمورا قدم قائداعظم جي سوچ جو عڪاس آهن، ا??و ئي اهو پاڪستان آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، ا??ساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ??ي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر