اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وز??را??ظم چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙ??سر?? ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شم??ليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شم??ليت جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وز??را??ظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شم??ليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن