واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پا??ستان جي سفير اسد مجيد خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا ??هي??ن. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي امن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي ملڪن وٽ امن کان سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پا??ستاني سفير چيو ته هي وقت آهي ته ماضي مان سبق سکجي. اسان جو تسلسل سان اهو موقف رهيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، اسان اهو به واضح ڪيو ته آمريڪي فوج جي ذميواراڻي واپسي سان امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته پا??ستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان حوالي سان اهم پيش رفت به ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي به انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿيو. هن چيو ته خدشن جي برعڪس وڌيڪ افغان مهاجرين پا??ستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمريڪا تي بدترين دهشتگرد حملن بابت سوال تي هن چيو ته اسان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پا??ستان جو وڏو نقصان ٿيو. هن جنگ ۾ اسان جون 80 هزار کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو. هن چيو ته اسان پا?? دهشتگردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پا?? آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان سوال تي سفير چيو ته آمريڪا سان پا??ستان جا لاڳاپا هميشه کان اهم رهيا ??هن. نائين اليون بعد اسان افغانستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا ??هي??ن. هڪ سوال جي جواب ۾ پا??ستاني سفير چيو ته وال اسٽريٽ جي صحافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ سنگين ڏوهه هو مان ان جي سوڳوار خاندان سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کان محروم ٿيون. اسان کي فوت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ٻيهر ايئن نه ٿئي.
ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقائده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون: آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جو سفير
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha