اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ نار??ي جي عهدو ??ڏي??دڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ نار??ي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا امڪان موجود آهن، ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ نار??ي جي ڪمپنين جي موجو??گي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاءِ نظام انرجي ۽ نارويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرائي آهي. منصوبي سان نار??ي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جو ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ظلم تي به روشني وجهندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير?? عوام کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي ??نه??جي واعدي تي عملدرآمد ڪرائي. صدر لاهور ۾ تاريخي ورثي جي بحالي ۽ تحفظ تي نار??ي جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ نار??ي جي عهدو ??ڏي??دڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن کي ??نه??جو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ رابطا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.
ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ