هري پور – 27 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي اثرن جو وڌيڪ شڪار آهن، 10 بلين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي قيام جي منصوبن سميت ٻيا قدم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحوليات?? تبديلين کان پاڪ پاڪستان ڏيند??سي??. هو وزير??عظ?? هري پور ضلعي ۾ 10 بلين سونامي پروگرام جي مناسبت سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪر?? رهيو هو. ان موقعي تي وزير??عظ?? عمران خان ٻوٽو به لڳايو، موسميات?? تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وزير??عظ?? کي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، وزير??عظ?? ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ”نيچر ڪيپيٽل آف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وزير??عظ?? خطاب ڪندي چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريبن جي ميزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ماحوليات?? تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪر?? رهيو آهي، اهي قدم ڏيکاءُ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چيو ته پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحوليات?? تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن، پاڻي جي دريائن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان پاڻي جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اها صورتحال ڀارت سان به آهي، ان جي پاڻي جو دارومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اس??ن ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.
پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteios quina