اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ مخا??ف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته مخا??ف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خد??ت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخا??ف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪارروائي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هنگامه آرائي سان نه جمهوريت جي خد??ت آهي نه ئي عوام جي، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد ق??صر چيو ته ايوان جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت جا معاملا ۽ قانونسازي بهتر ا??دا?? ۾ ڪري سگهجي ٿي، عوام جون نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن آهن، چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو موثر ا??دا?? ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تجويز ڪري سگهن ٿا.
اسد قيصر ۽ بابر اعواڻ پاران مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج