اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس سينيٽ جي ڊپٽ?? چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي عملدرآمد، پارليامينٽ جي لاجز جي روزمره جي تعمير ۽ مرمت ۽ اضافي بل??ڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارن تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽ جي ڊپٽ?? چيئرمين چيو ته پارليامينٽ لاجز جي اضافي بل??ڪ جي تعمير ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اضافي بل??ڪس ۾ انتظامي سطح تي مسئلا پيدا نه ٿيندا ۽ سڀني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ميمبرن سي ڊي اي عملدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تعمير ۽ مرمت تي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي عملي کي بار بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا جيئن جو تيئن آهن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.
سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت