ڪوئيٽا – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ آرمي ۽ بلوچستان حڪومت جي حصيداري سان جديد ترين ڪارڊيڪ سينٽر ۽ زوب روڊ (اين 50) سميت ميگا پراجيڪٽس جي پيڙه?? جو پٿر رکيو. بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب پاڪ آرمي بلوچستان جي حڪومت جي حصيداري سان خوشحال بلوچستان پروگرام تحت ڪوئيٽا ۾ جديد ترين ڪارڊيڪ سينٽر جي تعمير جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن جو مقصد گڏيل عرب امارات ??ي اسپانسر ڪيل يو پي اي پي منصوبن تحت مقامي آبادي کي بهترين طبي سه??لتون فراهم ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ