اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان بهترين سيڙپڪار دوست پاليسين وارو ملڪ آهي، سيڙپڪار انهن پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن اه?? ڳالهه ٽيلينار گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي ??نهن پنهنجي صدر ۽ سي اي او اوسگوي بريڪي جي سربراهي ۾ ڪالهه ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ??نفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان پڻ ان موقعي تي موجود هئي. صدر چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اميد آهي ته ٽيلينار گرو?? عوام کي وڌيڪ خدمتن جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي نيٽ ورڪ کي سگهه ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ