اسلام آباد – 12 مئ?? (اي پي پي) صدر ممنون حسين ٻن سولر ٻارن کي بهتري طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ان بيماري جي تشخص ۽ ان جو علاج تجويز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس تحقيق ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه بلوچستان سان تعلق رکندڙ متاثر ٻارن (سولر ٻارن) شعيب احمد ۽ عبدالرشيد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ پنهنجي والد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪيڊ جو مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ڪيڊ جو سيڪريٽري حسن اقبال ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چ??نس??ر پروفيسر جاويد اڪرم پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria