دمشق-13 ڊسمبر (اي پي پي)شام جي عارضي حڪومت چيو آهي ته صدر بشارالاسد جي برطرفي بعد ملڪ جو آئين ۽ پارليامينٽ ٽن مهينن لاءِ معطل رهندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳال??ه شام جي عارضي حڪومت ج?? ترجمان عبيده ارناط هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته هڪ عدالتي ۽ انساني حقن جي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا آئين جو جائزو وٺ?? ترميم پيش ڪندي، موجوده آئين 2012ع جو آهي ۽ ان ۾ اسلام کي رياستي مذهب جي طور مقرر ناهي ڪيو وي??. ت??جمان ٻڌايو ته اهو عارضي دور ٽن مهينن تائين جاري رهندو، ادارن جو تحفظ اسان جي په??ين ترجيع آهي، عوام خلاف ڏوهه ڪندڙن جو قانون مطابق فيصلو ڪيو ويندو. مذهبي ۽ شخصي آزادين بابت سوال تي هن چيو ته اسان شام ۾ مذهب ۽ روايتن جو احترام ڪيون ٿا، ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری