بيجنگ- 10 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين کي ا??يد آهي ته آمريڪا ٻه طرفي لاڳاپن کي مستحڪم، صحتمند ۽ پائيدار جي طرف وڌائڻ لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن بيجنگ ۾ وڏي عالمي ا??تص??دي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقات دوران چيو ته واپاري جنگين ۽ سائنس – ٽيڪنالوجي جي جنگيون تاريخ جي رجحان ۽ معاشيات جي قانون خلاف آهن ۽ انهن جنگين جي ڪا فتح ناهي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته چين آمر??ڪي حڪومت سان گڏ ڳالهين کي برقرار رکڻ، سهڪار وڌائڻ ۽ اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چين کي هلندڙ سال جي ا??تص??دي ترقي جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل اعتماد آهي ۽ هو عالمي ا??تص??دي ترقي جي سڀ کان وڏي انجڻ طورتي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن