تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. پرڏيهي اداري مطابق آيت الله خامنه اي صدر مسعود پيز شڪيان جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته دشمن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ته هن پنهنجو اهو موقف به ورجايو ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيل??وي??ن تي نشر بيان ۾ سيد علي خامنه اي چيو آهي ته اسان کي پنهنجون اميدون دشمن مان نه رکڻ گهرجن، پنهنجن منصوبن لاءِ اسان کي دشمن جي منظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو تضاد ناهي ته دشمن سان ڪجهه موقعن تي ڳالهيون ڪي??ن وڃن ۽ ان حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي. آيت الله خامنه اي (جنهن کي سمورن رياستي معاملن ۾ حتمي اختيار حاصل آهي) صدر پيز شڪيان جي حڪومت کي خبردار ڪي?? آهي ته دشمن تي ڀروسو نه ڪي?? وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل