بيروت – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) ??سر??ئيل جي جنگي جهازن ڏکڻ ل??نان تي وڏي پيماني تي شديد حملا ڪيا آهن، اهي حملا ان وقت شروع ٿيا جڏهن حزب الله جي س??براهه حسن نصر الله پنهنجي خطاب ۾ لبنان ۾ اليڪٽرانڪ مادن جي ڌماڪن ۾ درجنين فوتگين ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري رهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ??سر??ئيل جي ??ضائي حملن ۾ ڏکڻ ل??نان ۾ حزب الله جي راڪيٽ لانچرز، هٿيارن جي ذخيرن ۽ ٻين ٺڪاڻن سميت هڪ سو کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اهي حملا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيا جيڪي گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ شديد ترين هئا. انهن حملن سبب نقصانن جو فوري طور تي ڪو اطلاع ناهي مليو. لبنان جي س??ڪاري خابرو اداري چيو آهي ته ??سر??ئيل خميس جي شام ملڪ جي ڏکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 حملا ڪيا ۽ لبنان اتر ??سر??ئيل ۾ فوجي ??ڪاڻن تي به حملا ڪيا آهن.
اسرائيلي جنگي جهازن پاران ڏکڻ لبنان تي شديد حملا
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس