منسڪ -09 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ ب??لا روس پولينڊ جي سرحد ويجهو گڏيل فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون جيڪي 19 جولاءِ تائين جاري رهنديون. برطانيا جي خابرو اداري رائٽرز مطابق ان سلسلي ۾ ب??لا روس ۽ چين جي دفاع وارين وزارتن ٻڌايو ته چين ۽ ب??لا روس گذريل ڏينهن گڏلي فوجي مشقون شروع ڪيون، هي مشقون نيٽو جي ميمبر ملڪ پولينڊ جي سرحد کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي منعقد ڪيون ويون. ب??لا روس جي دفاع واري وزارت مسچنگ ايپ ٽيليگرام تي ب??لا روس جي اسپيشل آپريشنز ڪم??نڊ جي چيف ميجر جنرل واديم ??ين??سنڪو جو حوالو ڏيندي چيو ته دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن تي ڳڻتي آهي ان لاءِ اس??ن جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ پولينڊ جي سرحد تي واقع ب??لا ورس جي شهر بريسٽ ۾ فالڪن اس??لٽ نالي فوجي مشقون 19 جولاءِ تائين جاري رهنديون. چين جي دفاع واري وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته چين جا فوجي 6 جولاءِ تي ب??لا روس پهتا هئا. وزارت بيان ۾ چيو ته گڏيل فوجي مشقن جو مقصد فوجين جي هم آهنگي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ عملي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ آهي.
چين ۽ بيلا روس جي گڏيل فوجي مشقون شروع
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری