گڏيل قومون_20 جون(اي پي پي)گڏيل قومن غزه ۾ ڇهن اسرائيلي هوائي حملن ?? گهٽ ?? گهٽ 2018 فلسطينين جي شهادت جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ ب??ر بار وڏن بمن جو استعمال ڪيو ۽ اهو عمل جنگي قانون جي خلاف ورزي جي نش??ند??ي ڪري ٿو،گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي آفيس او ايڇ سي ايڇ آر پنهجي تازي رپورٽ ۾ غزه ۾ 6 اسرائيلي حملن جا تفصيل فراهم ڪيا آهن جن ۾ هڪ ئي طريقو اختيار ڪرڻ جي نش??ند??ي ڪندي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، انهن حملن ۾ رهائشي گهرن، اسڪولن، پناهگير ڪيمپن ۽ هڪ مارڪيٽ تي حملن ۾ 2 هز??ر پونڊ جا بم استعمال ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، انساني حقن جي آفيس انهن حملن ۾ 218 فلسطينين جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي جيڪي 7 آڪٽوبر کانپوءِ غزه ۾ شروع ٿيل جنگ جي شروعات ۾ ٿيا آهن، گڏيل قومن موجب شهادتن جو تعداد ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.انساني حقن جي آفيس جي سربراه وولڪر ترڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل پاران بمن ڪيرائڻ جي مهم ۾ جنگ ۾ انهن طريقن جي لڳاتار خلاف ورزي ڪئي وئي آهي جيڪي شهري نقصان کان بچڻ لاءِ ان کي هر حد تائين گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيا ويندا آهن، غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ?? گهٽ ?? گهٽ 37 هز??ر 372 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
اسرائيل غزه ۾ بار بار وڏن بمن جو استعمال ڪيو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ