بيجنگ – 05 مارچ (اي پي پي) چين جي 14هين قومي عوامي ڪانگريس جو ٻيو اجلاس بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ شروع ٿي ويو. چيني ميڊيا گروپ مطابق چين جي صدر شي جن پنگ ۽ رياستي اڳواڻن افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڇيانگ ڪانفرنس ۾ حڪومتي ورڪ رپورٽ پيش ڪئي. ورڪ رپورٽ مطابق چيني قيادت جي انٿڪ ڪوششن جي نتيجن ۾ گذريل سال دوران ملڪي معيشت جي بحالي ۾ مجموعي طور تي بهتري آئي ??هي. جي ڊي پي جو ڳاڻيٽو 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو آهي جيڪو 5.2 سيڪڙو جو اضافو ظاهر ڪري ٿو جيڪو دنيا جي وڏي معيشتن جي اوسر ۾ شامل ??هي. گذريل هڪ سال دوران شهري علائقن ۾ هڪ ڪروڙ 24 لک 40 هزار نئين ملازمون پيدا ڪيون ويون ۽ بي روزگاري جي اوسر 5.2 سيڪڙو رهي. صارفي قيم??ن ۾ 0.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ادائيگين جو توازن بنيادي طور تي متوازن ??هي. هلندڙ سال جي اهم ترقياتي هدف ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ، شهري علائقن ۾ روزگار جا وڌيڪ 12 ملين موقعا پيدا ڪرڻ، شهري علائقن ۾ سروي ٿيل بي روزگاري جي اوسر کي لڳ ڀڳ 5.5 سيڪڙو تائين آڻڻ، صارفي قيم??ن ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو اضافو، شهرين جي آمدني ۽ معاشي اوسر ۾ بيڪ وقت اضافو، بنيادي ادائيگين جو توازن، 1.3 ٽريلين کان وڌيڪ رکڻ، اناج جي پيداوار ۾ اضافو، جي ڊي پي جي في ي??نٽ توانائي کپت ۾ لڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ۽ ماحول جي معيار ۾ مسلسل بهتري شامل آهن.
چين جو جي ڊي پي 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری