جده- 01 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي امداد ۽ انساني خدمتن بابت شاهه سلمان مرڪز جي امدادي ايجنسي امدادي سامان ج??ن وڌيڪ 16 ٽرڪون رفح ڪراسنگ ذريعي موڪلي ڇڏيون. سعودي پريس ايجنسي موجب شاهه سلمان مرڪز غزه لاءِ هلايل عوامي مهم تحت متاثرن کي کاڌي پيتي جي شين، دوائن، طبي لوازمات ۽ عارضي پناهگاهن ??اءِ سامان موڪلي رهيو آه??. ياد رهي ته سعودي امدادي مهم دوران هن ??قت تائين 172 ٽرڪ امدادي سامان کڻي رفح ڪراسنگ ذريعي غزه پهتا آه??. سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ عوامي عطين واري مهم ۾ هن ??قت تائين 600 ملين ريال کان وڌيڪ جي رقم جمع ٿي چڪي آه??. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاد?? محمد بن سلمان جي هدايت تي غزه لاءِ عوامي عطيا مهم جاري آه??.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش